عبدالغفور مفتون همايوني

عبدالغفور مفتون همايوني

عبدالغفور مفتون همايوني

عبدالغفور ‘مفتون’ همايوني: نامور عالم، شاعر ۽ حڪيم، مولانا عبدالغفور ولد مولانا محمد پيچوهو، 13 ربيع الاول 1261هه مطابق 22 مارچ 1844ع تي شڪارپور جي مشهور ۽ قديم ڳوٺ همايون ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان اصل بلوچستان جي جهٽ پٽ جي هڪ ڳوٺ ‘ڇٽ’ جي رهاڪو هو. جتان همايون جي هڪ زميندار غازي خان سومري جي اسرار تي سندس والد لڏي اچي ‘همايون’ ڳوٺ ۾ آباد ٿيو. مولانا عبدالغفور ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. جنهن بعد مولانا سلطان محمود سيتپوريءَ وٽان باقي ڪتاب پڙهي دستار فضيلت ٻڌائين. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد والد جي مدرسي ۾ درس تدريس شروع ڪيائين. مولانا صاحب کي هر فن ۾ مهارت هئي. خاص ڪري علم فقھ ۾ سندس نظير سنڌ، هند، بلوچستان، پنجاب ۽ خراسان ۾ به نه هو. هن فارسيءَ ۾ هزارين فتوائون لکيون. جيڪي ‘فتاويٰ همايون’ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهن. ڪيترائي ماڻهو وٽس دعا طلبيءَ لاءِ ايندا هئا، جن ۾ هر طبقي، مذهب ۽ قوم جا ماڻهو شامل هوندا هئا. هر وقت سندس در تي حاجتمندن جو ميڙ لڳل هوندو هو. کيس طب جي علم ۾ به مهارت حاصل هئي. مولانا عبدالغفور کي شاعريءَ سان به وڏو شغف هو. ميان محمود پاٽائيءَ کان شاعريءَ ۾ اصلاح ورتائين. سنڌي، عربي، فارسي، سرائڪي، هندي ۽ اردو ٻولين ۾ شاعري ڪيائين. هيءُ شاعريءَ ۾ ‘مفتون’ تخلص استعمال ڪندو هو. نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته، “مفتون همايوني، پارسي، سرائڪي، اردو ۽ سنڌيءَ جو بلند پايه شاعر هو. سندس غزلن ۽ ڪافين جو مجموعو ‘ديوان مفتون ’ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. هيءُ رسول الله جو سچو عاشق هو. سندس سمورو ڪلام عشقِ رسول جي رنگ ۾ رنگيل آهي. تفسير، تاريخ، تصوف، فقھ، طب، حديث ۽ رياضيءَ جو ماهر هو. خاص ڪري فقھ جي سلسلي ۾ پوري برصغير ۾ سندس ثاني ملڻ مشڪل آهي.” مولانا صاحب جي همعصرن ۾ شاهه مردان شاهه اول پير پاڳارو، مخدوم الهه بخش کهڙائي، خواجه عبدالرحمان سرهندي، مولانا تاج محمود امروٽي، پير حسن لنواريءَ وارو، پير صالح شاهه راڻيپوري قابل ذڪر آهن. سندس شاگردن ۾ مولوي نبي بخش ڪولاچي، مولوي محمد قاسمڳڙهي ياسينوي، سيد زين العابدين، افغانستاني، قاضي ميان رسول بخش، محمد حيات قريشي شڪارپوري، مولانا عبدالرحمان ڌامراهو، مولانا دين محمد بٺوي، حڪيم مولوي محمد صادق راڻيپوري قابل ذڪر آهن. مولانا صاحب جي ڇپيل ڪتابن ۾: فتاويٰ همايوني (فارسي ٻن جلدن ۾)، فتاويٰ همايوني (ٻه جلد سنڌي)، ديوان مفتون (عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾)، فرهنگ همايوني (مرتب: نياز همايوني) قابل ذڪر آهن. سندس هڪ مشهور غزل:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي، مهمان هزارين مان نه رڳو.
جي تتبع تي متاثر تي مهان ڪوي شيخ اياز به طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري عابده پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي.
هن 11 رمضان 1336هه مطابق 21 جون 1918ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ جي جامع مسجد ڀرسان سندس والد جي ڀر ۾ آهي.


لفظ عبدالغفور مفتون همايونيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1844.03.22  عيسوي

مولانا عبدالغفور ولد مولانا محمد پيچوهو، 13 ربيع الاول 1261هه مطابق 22 مارچ 1844ع تي شڪارپور جي مشهور ۽ قديم ڳوٺ همايون ۾ پيدا ٿيو.


1918.06.21  عيسوي

مولانا عبدالغفور 11 رمضان 1336هه مطابق 21 جون 1918ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ جي جامع مسجد ڀرسان سندس والد جي ڀر ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاري لال
اميد علي ڪلهوڙو
مير علي نواز خان ٽالپر
داغ ٽکڙائي
شاهده کوکر
چانڊيو زخمي
امر سنڌو
ٻڍڙو فقير
جهنگل شاهه مست
سرمد چانڊيو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون